شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف سان ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي عراق، تاج??ست??ن، انڊونيشيا جي صدرن ۽ لب??ان جي وزيراعظم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مصر ۾ موسمياتي تبديلين جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي پا??ست??ن ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم شهبا?? شريف سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو، عالمي اڳواڻن وزيراعظم جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مسلسل موجودگي کي غيرمعمولي جذبو قرار ڏنو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن وزيراعظم شهبا?? شريف مصروف ڏينهن گذاريو. هن ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي شرم الشيخ ڪانگريس سينٽر ۾ اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان عراق جي صدر عبداللطيف راشد، تاج??ست??ن جي صدر امام علي رحمان، انڊونيشيا جي صدر جوويدود جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهبا?? شريف سان لب??ان جي وزيراعظم نجيب ميڪاتي پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهبا?? شريف انڊونيشيا جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته کاڄرو تيل جي فوري پهچ تي توهان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي صدر چيو ته پا??ست??ن اسان جو ڀاءُ آهي، هر ممڪن مدد تي خوشي ٿيندي. وزيراعظم شهبا?? شريف انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم تاج??ست??ن جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته تاج??ست??ن جو صدر هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پا??ست??ن ايندو. ٻنهي اڳواڻن ۾ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. غيرملڪي اڳواڻن پا??ست??ن ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهبا?? شريف چيو ته موسمياتي تبديلين سان پوري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، ان جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ عالمي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.