اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي حڪومتن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اعليٰ معيار جي ٻج جي ورڇ جي وفاقي حڪومت جي پروگرام ۾ شامل ٿين ۽ ان کي سياسي مسئلو نه بڻائين، پاڪستان ا??ان سڀني کي هڪ جيترو پيارو آهي، ذاتي ۽ سياسي پسند ۽ ناپسند ۽ مفادن کان مٿ??نهون ٿي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت نجي شعبي کي هرگز ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، هن مشڪل صورتحال ۾ ڪنهن کي ناجائز منافعي خوري ڪرڻ ۽ عوام تي بار وجهڻ نه ڏينداسين. هو پنهنجي صدارت ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ منعقد جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزيرن احسن اقبال، طارق بشير چيما، اياز صادق، شيري رحمان، خرم دستگير خان کانسواءِ اين ڊي ايم اي، اين ايف آر سي سي ۽ اعليٰ صوبائي عملدار پڻ موجود هئ??. و??يراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد، بحالي ۽ آبادڪاري جي ڪم ۾ ا??ان کي سياست کان مڪمل پرهيز ڪرڻ گهرجي، وفاقي حڪومت متاثرين جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ ڀرپور طريقي ??ان ڪم ڪيو آهي. هيستائين 66 ارب رپيا متاثرين ۾ ورهائجي چڪا آهن. هڪ لک 10 هزار خاندانن کي اها رقم جلد منتقل ٿي ويندي. وفاقي حڪومت چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سمورن متاثرين جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن کي 10 لک رپيا في ڪس جو پئڪيج ڏنو آهي. ٻوڏ ??ان 1700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن. اين ڊي ايم اي شفاف طريقي ??ان اها رقم ورڇ ڪئي آهي. وفاقي حڪومت پاران هيستائين ان جي حصي موجب 88 ڪروڙ رپيا ورهايا ويا آهن. زخمين جي لاءِ جيڪو پئڪيج ڏنو ويو هو ان جي ورڇ به جاري آهي. چئني صوبن ۽ متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي جي ذريعي خوراڪ، دوائون، خيما، مڇردانيون ۽ پاڻي ضرورت موجب فراهم ڪيو ويو آهي ۽ هر صوبي جي ضرورت کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته دوست ۽ ڀائر ملڪن پاران جيڪا امداد آئي اها اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم ايز ??ان گڏجي سمورن صوبن ۾ شفاف طريقي ??ان امدادي سامان ورهايو آهي. چين پاران سردين جي لاءِ سيءُ کان بچاءُ وارا تنبو موڪليا پيا وڃن، اهي به سمورن متاثر علائقن ۾ ضرورت موجب ورهايا ويند??. و??يراعظم چيو ته وفاقي حڪومت پاران ڪڻڪ جي پوکيءَ جي لاءِ وفاقي وزيرن طارق بشير چيما ۽ احسن اقبال صوبن ??ان گڏجي اڌواڌ جي بنياد تي ٻج جي فراهمي جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن کي اين ڊي ايم اي جي ذريعي پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. ايندڙ فصل جي لاءِ اعليٰ معيار جو ٻج حاصل ڪيو ويندو. سنڌ ۽ بلوچستان ان حوالي ??ان ڪم ڪري رهيا آهن پر خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن ا??ان جي درخواست جي باوجود ان منصوبي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جواب ڏئي ڇڏيو ته ا??ان کي ٻج نه گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ا??ان سڀني کي هڪ جيترو پيارو آهي ۽ هي ا??ان سڀني جو گڏيل ملڪ آهي. چار ئي صوبا پاڪستان جو حصو آهن ۽ وفاقي ڌرين ??ان گڏجي ئي ٺهي ٿو. ان معاملي ۾ ڪا سياست نه آهي. ذاتي ۽ سياسي پسند ۽ ناپسند کان مٿ??نهون ٿي سمورن صوبن کي ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪو صوبو شامل نه ٿو ٿيڻ چاهي ته ان کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي. بي آءِ ايس پي تحت 70 ارب رپيا ورڇ ٿيڻا آهن، خيمن، مڇردانين ۽ پاڻي سميت اربين رپين جو سامان شفاف طريقي ??ان سمورن متاثر علائقن ۾ موڪليو ويو آهي. ٻوڏ ??ان اهڙي تباهي ٿي آهي جو اڳ ۾ ڪڏهن ڏسڻ ۾ ناهي آئي. گذ??يل ڏينهن مون صحبت پور جو دورو ڪيو، اتي اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، اڳ ۾ ٻوڏ ريلن ??ان تباهي ٿي ۽ هاڻي بيٺل پاڻي ??ان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته اڌواڌ فارمولي تي سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪومتون راضي آهن پر جيڪڏهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کي ٻج نه گهرجي ته اهو انهن جو پنهنجو فيصلو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪڻڪ جي درآمد جي حوالي ??ان ڪاٿو لڳايو ويو آهي، پلاننگ، ناڻي، غذائي تحفظ ۽ ڪامرس وارين وزارتن گڏجي ان حوالي ??ان ڪم ڪيو آهي. گذ??يل سال جي ڪڻڪ جي جيڪا کوٽ هئي ان کي به پورو ڪيو ويندو. حڪومت ڪيترائي لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪري چڪي آهي. ٻوڏ جي ڪري ا??ان ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف پورو نه ڪري سگهنداسين. وزيراعظم واضح ڪيو ته هو نجي شعبي کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. ائين نه ٿو ٿي سگهي ته پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجي مرضي جي قيمت تي ڪڻڪ گهرائي. آئون ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيو آهيان ۽ نه ئي شڪ ڪري رهيو آهيان. سموريون صوبائي حڪومتون منهنجي لاءِ احترام جوڳيون آهن پر ا??ان کي تباهي درپيش آهي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جو مشڪل معاملو درپيش آهي. وفاقي حڪومت تمام بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي اربين رپيا بچايا آهن ۽ گهٽ کان گهٽ واڪ وارن ??ان به ڳالهه ٻولهه ڪري قيمت وڌيڪ گهٽ ڪرائي آهي. هن ايمرجنسي جي صورتحال ۾ ا??ان هڪ ڊالر به وڌيڪ خرچ ڪرڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، ان لاءِ اڳ ۾ جيڪا 440 جي بڊ آئي ان کي مون قبول نه ڪيو جڏهن ته مون کي مشورو ڏنو ويو ته ان کي قبول ڪيو وڃي ڪٿي ائين نه ٿئي جو ان کان به وڌيڪ قيمت تي ڪڻڪ وٺڻي پوي پر ا??ان رسڪ کنيو ۽ 30 ڊالر في ٽن بچايا. اهو الله جو ڪرم هو. وزيراعظم چيو ته نجي شعبي کي عام حالتن ۾ ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي پر ان صورتحال ۾ ا??ان ڪنهن کي ناجائز منافعي خوري ۽ عوام تي بار وجهڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين.