اسلام آب??د – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته الحمدالله شهباز شريف ۽ حمزه شهباز بدترين سياس?? انتقام جي باوجود سرخرو ٿيا، انهن ئي الزامن تي برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي ٻه سال جي جاچ کانپوءِ شهباز شريف کي آزا?? ڪري ڇڏيو هو. ڪوڙا سياسي ڪيس ٺاهيندڙن کي بيان نه پر شرم سان ٻڏي مرڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته روڄ راڙو ڪيو، پٽ??و يا رڙيون ڪيو بريت جو فيصلو اچي چڪو آهي.