نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان نيويارڪ ۾ ڪلائميٽ اينڊ ڊيولپمينٽ وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي برطانيا ۽ روانڊا پاران منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي چ??و ته پاڪستان ماحولياتي بحران آڏو فرنٽ لائين ۾ بيٺل آهي، دنيا کي بحث مباحثي مان نڪري فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چ??و ته پاڪستان گرين هائوس گيسز جي مجموعي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصيدار آهي، ان جي باوجود اسان جنهن سطح جو نقصان برداشت ڪري رهيا آهيون ان جو ڪير ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهي. شيري رحمان چ??و ته پاڪستان ۾ رڪارڊ برساتن کانپوءِ تاريخي ٻوڏ غيرمعمولي تباهي مچائي آهي، برساتن ۽ ٻوڏ جي مختلف واقعن ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 12860 زخمي ٿيا آهن. هن چ??و ته برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر جڏهن ته 20 لک کان وڌيڪ گهرن ک?? نقصان ٿيو آهي، هڪ وقت ۾ ٽيڻ تي پاڪستان پاڻي ٻوڏ هيٺ آهي. شيري رحمان چ??و ته ٻوڏ واري پاڻي جي نڪرڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي ويندا، ٻوڏ جي پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي ڪري ملڪ ۾ صحت جو نئون بحران پيدا ٿي ويو آهي، رڳو سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ قائم هيلٿ ڪئ??پس?? ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 78000 مريض آيا آهن. هن چ??و ته ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ اڃا به ڪيترائي فوٽ ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهن، خوفناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ معاشي نقصان جو ڪاٿو 30 ملين ڊالر کان وڌيڪ لڳايو پيو وڃي. وفاقي وزير چ??و ته اسان ماحولياتي تبديلين جو سبب نه ٿا بڻجون پر پوءِ به اسان قدرتي آفتن ک?? منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان جون ڍنڍون وِگهري رهيون آهن، اسان ک?? شديد گرمي جي لهر، سوڪهڙي ۽ ٻوڏ جهڙين آفتن ک?? منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چ??و ته ترقي يافته ملڪن ک?? پنهنجي ڪاربان فوٽ پرنٽ کي تسليم ڪرڻ ۽ اخراج کي محدود ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، ماحولياتي تبديلي جا اثر رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندا ڇو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ تباهين جي ڪا سرحد نه آهي.