چارسده – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته هي سياست جو نه ڏکويل انسانيت جو هٿ جهلڻ جو وقت آه??، جيستائين ٻوڏ کان متاثر آخري گهر آباد نه ٿو ٿي وڃي سک سان نه ويهنداسين، دوست ملڪ ۽ عالمي ادارا ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ تعاون ڪري رهيا آه??، سرندي وارا به اڳتي ??چن ۽ متاثرين جي مدد ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسپورٽس ڪمپليڪس چارسده ۾ ٻوڏ متاثرين جي امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ??حافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ??طلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون انجنيئر امير مقام، قومي وطن پارٽي جو سربراهه آفتاب احمد خان شيرپائو، عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ ايمل ولي خان، اتحادي پارٽين جا اڳواڻ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ٻوڏ صورتحال ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪئمپ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين کان انهن جا مئسلا معلوم ڪيا. وزيراعظم چيو ته نوشهره، چارسده ۽ ٻين علائقن ۾ بوڏ واري پاڻي تمام گهڻي تباهي آندي آه??، خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان 242 ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿيا آه??، ڪالام، دير، سوات، ڪوهستان ۽ ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ طوفاني برساتن سبب درياءَ جي ڪناري عمارتون ۽ هوٽلز درياءَ ۾ وهي ويا، بيٺل فصلن کي نقصان پهتو آه??، لکين گهر جزوي يا مڪمل طور تي ??باهه ٿي ويا آه??، رستا ۽ پليون وهي ويون آه??. وزيراعظم چيو ته گذريل 30 سالن ۾ ايتري وڌيڪ برسات ناهي ٿي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي، پاڪ فوج سان گڏجي امداد ۽ بحالي جو ڪم ڪري رهيون آه??، سنڌ ۾ شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻي، نئون ديرو ۽ ٻين علائقن ۾ هر طرف پاڻي ئي پاڻي آه??، بلوچستان ۾ نصيرآباد، قلات، قلعه سيف الله، چمن ۽ ٻين علائقن جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۾ به ٻوڏ تمام گهڻي تباهي آندي آه??، وفاقي حڪومت متاثرين جي فوري مدد جي لاءِ 28 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آه??، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي 25، 25 هزار رپيا ورهايا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ کانسواءِ خيبرپختونخواهه ۾ به ان جي شروعاتڪ ئي وئي آه??، فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپين جي ادائگي ڪئي پئي وڃي، اڄ به ڪجهه خاندانن ۾ اها رقم ورهائي وئي آه??. هن چيو ته نوشهره ۾ امدادي ڪئمپ ۾ خوراڪ ۽ علاج سميت سمورين سهولتن جو انتظام ڪيو ويو آه??، چارسده ۾ به دوائن، خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، وفاقي حڪومت ۽ صوبا گڏجي هن آفت سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو مقابلو ڪندا، ٻوڏ ۽ برساتن سان 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آه??، پاڪ فوج ٻه لک ماڻهن کي هيليڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ذريعي محفوظ جڳهه تي پهچايو آه??، پلين ۽ رستن جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ بهترين انتظامن تي ??مورن صوبن ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ٻوڏ ۽ برساتن سبب مجموعي طور تي هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آه??، ايران، ترڪيءَ ۽ گڏ??ل عرب امارات جي صدرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آه??، انهن ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي ??عزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آه??، امداد جو اعلان پڻ ڪيو آه??، ان سلسلي ۾ امدادي سامان پهچڻ شروع ٿي ويو آه??، برطانيا به ٻوڏ متاثرين جي لاءِ روڪ امداد جو اعلان ڪيو آه?? جڏهن ته عالمي بئنڪ، خوراڪ جي عالمي اداري ۽ ٻين ادارن کان پڻ امداد جي لاءِ پيغام ملي رهيا آه??. هن چيو ته جلد ئي ڪوهستان، ڪالام، سوات ۽ دير جو به دورو ڪندس، ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ قدمن تي ??نتظاميا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هي وقت سياست جو نه ڏکويل انسانيت جو هٿ جهلڻ جو آه??، محنت سا?? اسان کي پنهنجو حق ادا ڪرڻو آه??، متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويندو، سمورا اتحادي گڏجي متاثرين جي گهرن کي آباد ڪندا ۽ آخري گهر آباد ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته سرندي وارن کي به مصيبت ۾ ورتل ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي لاءِ خوراڪ، دوائن، خيمن ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ۾ تعاون ڪرڻ گهرجي، اها انسانيت جي تمام وڏي خدمت آه??.