اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرسان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي چار بهادر جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر چيو ته اهڙا بزدلاڻا حملا ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ??ري سگهن. هن محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظ??ار ڪيو.