اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وسيع تر لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ج??هن جو تصور اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان ۾ ڏنو ويو آهي. هن ??يو ته پاڪستان يورپي يونين سان سمورن شعبن خاص طور تي واپار، جي ايس پ?? پلس، موسمياتي تبديلي سميت ٻين معاملن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي.