اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه مان د??يا??ت ٿيندڙ گئس جي ذخيرن مان ع??ام کي گئس جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان فوجي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پيٽروليم جي سربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پيٽروليم وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اڳوڻي قبائلي علائقن مان د??يا??ت ٿيل گئس فوري طور تي ع??ام کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه جي علائقي بنون مان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گئس جا ذخيرا د??يا??ت ٿيا هئا. وزيراعظم اهي ذخيرا ع??ام کي گئس جي کوٽ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اتر وزيرستان، بنون ۾ نئين د??يا??ت ٿيندڙ ??خيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي گئس جي شعبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل علائقن جي ع??ام کي به د??يا??ت ٿيل گئس جا ثمر فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي ترقي، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت جي حوالي سان سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کيس آگاهه ڪيو وڃي ته جن علائقن مان گئس نڪتي آهي اتان جي ع??ام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.