اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪنهن جي ڌمڪين ۾ نه اينداسين، چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، عمران خان ملڪ کي تباهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڏنو، عدالتون جڏهن انهن جي ڪيسن جون ٻڌڻيون ڪنديون آهن ته انهن کي ڌمڪيون ڏنيو وڃن ٿيون، هي سوال نه پر جواب ڏيڻ جو وقت آهي، عمران خان اليڪشن ڪميشن کي فارن فنڊنگ جو حساب ڏي، چوري، ڪوڙ، منافقت، نالائقي، نااهلي، بدمعاشي، غنڊا گردي جو برانڊ عمران خان آهي، نااهل ۽ ناڪام شخص چار سال کان اقتدار ۾ رهي ملڪ ۾ معاشي تباهي جو شڪار ڪيو، بيروزگاري، ڪشمير فروشي ۽ لوڊشيڊنگ جا تحفا عوام کي ڏنا، پري?? ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته ڪراچي واقعي جي وزيراعظم هائوس رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي هي افسوسناڪ واقعو آهي، دهشتگردي جي خلاف نواز شريف سڀني صوبن سان گڏجي نيشنل ايڪشن پلان تحت قدم کنيا هئا، وفاق جي سڀني ڌرين ان ۾ حصو وڌو هو،
هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف جي ترجيح آهي ته امن امان جي صورتحال بهتر کان بهتر ٿئي، هن چي?? ته اڳتي اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين، وفاقي وزير چي?? ته 2 هفتا پهرين اقتدار جي ڪرسي تي مڙهيل ٽولو عوام کي ڦري رهيو هو، جنهن 60 لک نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، مهانگائي کي 3.1 سيڪڙو کان وڌائي 6 سيڪڙو تائين پهچايو، 43 هزار ارب جا قرض ورتا، اڄ سوال ڪري رهيو آهي ته ٻن هفتن ۾ لوڊشيڊنگ ۽ بيروزگاري ڇو ٿي رهي آهي، هارين کي ڊيزل ڇو نه پيو ملي، ڪو شرم ٿيندو آهي ڪو حياءُ ٿيندو آهي، چئن سالن تائين اقتدار جي ڪرسين تي مڙهيل ٽوليو بي شرمي سان سوال ڪر يرهيو آهي ته ٻن هفتن ۾ ڇا ٿي ويو آهي، هن چي?? ته پاڪستان جي عوام کي بيوقوف نه بڻايو وڃي، ٻاهرين ملڪ سازش جو بهانو ۽ اليڪشن ڪميشن تي حملو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته نااهل ۽ ناڪام شخص چئن سالن تايئن اقتدار ۾ رهي ملڪ کي معاشي تباهي جو شڪار ڪيو. بيروزگاري، ڪشمير فروشي ۽ لوڊشيڊنگ جا تحفا عوام کي ڏنا. هن چي?? ته اڳين دور ۾ مخالف ڌر کي سوال ڪرڻ تي بند ڪيو ويندو هو، پارليامينٽ کي سوال ڪرڻ تي تالو هنيو ويندو هو، ميڊيا کي سوال ڪرڻ تي پابنديون لڳايون وينديون هيون. انهن جي آئين شڪني تي جڏهن عدالت ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي رد ڪي?? ته آئين ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو، هن چي?? ته جڏهن انهن عوام ۽ آئين کي يرغمال بڻاي?? ته عدالتون کليون ۽ انهن خلاف فيصلا آيا ته هاڻ چون پيا ته عدالتون ڇو کليون، انهن عدلت تي به حملا ڪيا، مريم اورنگزيب چي?? ته 8 سالن کان التوا هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس تي انهن کي جواب ڏيڻو آهي، 8 سالن تائين انهن غير قانوني فنڊنگ جو جواب نه ڏنو، 70 لک ڊالر کان وڌيڪ جي غير قانوني فنڊنگ ٿي، 16 کان وڌيڪ اڪائونٽ انهن پڌرا نه ڪيا، هن چي?? ته جيڪڏهن 8 سالن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ويا آهن ته اتي وڃي جواب ڏين ته 70 لک ڊالر پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ وسيلي آيا ته اهي ڪيڏانهن ويا، اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن سوا ل ڪري ٿ?? ته ان تي حملا ڪن ٿا، هن چي?? ته اميد هئي ته 8 سالن کانپوءِ عمران خان فارن فنڊنگ جو جواب چيف اليڪشن ڪمشنر کي ڏيڻ ايندو، هن چي?? ته عمران خان 70 لک ڊالر پنهنجي ملازمن جي ذاتي اڪائونٽ ۾ گهرايا، نيشنل ڊزسٽرمينيجمينٽ فنڊ ۾ پرڏيهي پاڪستانين ۽ شوڪت خانم اسپتال جي عطيا پي ٽي آءِ جي فارن فنڊن ۾ منتقل ٿيا، اهو پئسو ڪيڏانهن ويو، هن چي?? ته مون کي اميد هئي ته اليڪشن ڪميشن جيڪي سوال پڇي رهي آهي هي ان جو جواب ڏيندا، هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته چونڊون ڪرايون وڃن، پر چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، جڏهن پاڪستان جي عوام چاهيندي تڏهن چونڊون ٿينديون، عمران خان جي انا، فساد، نفرت، گار، ڌمڪي، غنڊاگردي پاڪستان ۾ اليڪشن نه ڪرائيندي، پاڪستان ۾ چونڊون اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي، هن چي?? ته عمران خان روز روز هڪ ئي رٽ لڳائي رکي آهي ته اليڪشن ڪميشن استعيفا ڏي، ڀلا اليڪشن ڪميشن استعيفا ڇو ڏي، ڇو جو هو توهان کان توهان جي چوري جا سوال پيو ڪري، هاڻي جواب ڏيڻ جو وقت آهي، عمران خان هاڻ ڪٽهڙي ۾ آهي، اسان چونداسين هئاسين ته عوام جا هٿ هوندا ۽ عمران خان جو گريبان هوندو، هاڻي توهان جو سوال ڪرڻ جو وقت ناهي پر جواب ڏيڻ جو وقت آهي، هن چي?? ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي 16س يڪڙو آهي ته اها عمران خان جي ڪري آهي، پيٽرول، قرض، سڀ ڪجهه عمران خان جي ڪري آهي، ڊالر 115 مان 190 روپيا آهي عمران خان جي ڪري آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن تي صحيحون به عمران خان جي حڪم تي سندس ناڻي واري وزير ڪيون، هاڻي آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪيون ويون آهن ۽ انهن جو گند صاف ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ عمران خان جي ڪري آهي، 2 هفتا پهرين اسان کي بريفنگ ڏني وئي ته ملڪ ۾ 27 پاور پلانٽ بند آهي، ساڍا 5 هزار ميگاواٽ بجلي صرف انهن يونٽن جي مرمت نه ڪرڻ جي ڪري دستياب نه هئي، هن چي?? ته تيل، گئس ۽ ايل اين جي نه خريد ڪرڻ جي ڪري به اڄ توانائي جا مسئلا آهن، جڏهن 2018ع ۾ نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي ته لوڊشِڊنگ زيرو هئي هاڻي هي پڇن ٿا ته ٻن هفتن ۾ ڇا ٿيو آهي، هن چي?? ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته پهرين مئي کان ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ زيرو ٿيندي، اها منصوبابندي ته انهن نالائقن کي ڪرڻي هئي،
هن چي?? ته اسان کنڊ، اٽو ۽ گيهه سستو ڪيو آهي، پاڪستان جي عوام کي سستو اٽو ۽ سستي کنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ پرائيس ميڪينزم بڻايو آهي. جيڪي پڇن ٿا ته ٻن هفتن ۾ اسان ڇا ڪي?? ته ان مافيا جيڪا چئن سالن ۾ معاشي دهشتگردي ڪئي، چئن سالن تائين ملڪ جي عوام کي ڦريو، ٻه ڪروڙ ماڻهن کي غريب ڪيو، انهن جو جواب انهن کي ئي ڏيڻو پوندو، مريم اورنگزيب چي?? ته انهن جي نالائقي ۽ نااهلي کي عوام نه وساريندي، عمران خان ناڪام شخص هو جنهن پاڪستان جي عوام، ميڊيا ۽ مخالف ڌر کي يرغمال بڻائي رکيو هو، هاڻي سول ڪرڻ تي گار، ڌمڪيون ڏيڻ، حملا ڪرڻ جو قصو نه هلندو، هن چي?? ته چوري، ڪوڙ، منافقت، نالائقي، نااهلي، بدمعاشي ۽ غنڊاگردي جو برانڊ عمران خان آهي، کيس هاڻي خبر هجڻ گهرجي ته نه وٽس اقتدار جي طاقت آهي ۽ نه ئي وري ڪرسي جو هاڻي ماڻهن جي زبان بند ڪري سگهي، هن چي?? ته آئون انهن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي جن ان جي فحاشي ازم جو مقابلو ڪيو، هن چي?? ته پاڪستان جي عوام کي بيروزگار ڪرڻ، معاشي تباهي پکيڙڻ ۽ ڪشمير جي وڪري جو کيس جواب ڏيڻو پوندو. روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، مهانگي بجلي ۽ گئس جو جواب انهن کي ڏيڻو آهي. هن چي?? ته اسان کي هر قدم تي عوام کي رليف ڏيڻو آهي جڏهن ته هي ٽولو عوام کي تڪليف پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو. هن چي?? ته جڏهن سي پيڪ جو منصوبو اچي رهيو ه?? ته هي ڪنٽينر تي چڙهيل هئا، هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، عمران خان ڪاغذ لهرائي لهرائي ڳالهيون ٻڌائي رهيو آهي، پر عوام سوال ڪري رهي آهي ته اٽي، کنڊ، بجلي، گئس ۽ مهانگائي جو ذميدار عمران خان آهي، اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج ڪرڻ بدران هي ٻڌائين 43 هزار ارب جو قرض هنن ڇالاءِ ورتو، هن چي?? ته شبهاز شريف ڏينهن رات هڪ ڪري عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خان جي احتساب ۽ جواب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، اڄ ايل اين جي جا منصوبا بند پيا آهن جڏهن سستي ايل اين جي ملي رهي هئي ته ان وقت مافيا پنهنجا دڪانز سينگارڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چي?? ته نواز شريف 2018ع ۾ محنت ڪري لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ۽ اسان به ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چي?? ته عمران خان جي سعودي عرب جي دوري ۽ شهباز شريف جي دوري ۾ فرق آهي، عمران خان جو دورو سرڪاري خرچ تي هو ۽ شهباز شريف جو دورو ذاتي خرچ تي آهي، عمران خان پنهنجي اقتدار جي دور ۾ پنهنجي سهولت هڪ بلين جو هيليڪاپٽر هلايو، هن چي?? ته جڏهن ڪنهن وزيراعظم جو ٻاهرين ملڪ جو دورو هوندو آهي ته پرڏيهي وزارت طرفان پي آءِ اي کي ايس او پي تحت خط لکيو ويندو آهي ته جنهن ۾ پلاننگ ڪئي ويندي آهي ته هو اسٽينڊ باءِ رهن، هاڻي جنهن خط جو ذڪر ڪيو پيو وڃي ته ان ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته ان کي بڪ ڪيو وڃي، هن چي?? ته ان خط جي لاءِ نه وزيراعظم جي هدايت آهي ۽ نه ئي اهو وزيراعظم هائوس جي هدايت تي لکيو ويو آهي هي پرڏيهي وزارت جو ايس او پي آهي، هن چي?? ته وزيراعظم پي آءِ اي چيئرمين کي فون ڪري چيو آهي ته جيڪي ماڻهو سعودي عرب ويندا اهي پنهنجي ذاتي خرچ تي ويندا،
هن چي?? ته شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور 10 سالن تائين سڀني عالمي دورن جا خرچ پنهنجي کيسي مان ڏنا، هن چي?? ته پنجاب اسيمبلي ۾ بوزدار حڪومت جي دور ۾ سوالن جوابن جي سيشن دوران اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ه?? ته عالمي دورن تي شهباز شريف جا سمورا خرچ سندس ذاتي هئا، هن چي?? ته وزيراعظم سان سعودي عرب 13رڪني وفد ويندو ۽ اهي سڀ پنهنجي ذاتي خرچ تي ويندا، هن چي?? ته اڳوڻي اطلاعات واري وزير الزام هنيا آهن آئون ان جي مذمت ڪريان ٿي ڪو به صحافي سرڪاري خرچ تي دوري تي نه پيو وڃي. پي ٽي آءِ جي ماڻهن جيڪڏهن پاڪستان جي عوام کي رليف ڏنو هجي ها ته کين ڪوڙ جو سهارو نه وٺڻو پوي ها، هن چي?? ته ڊيزل جي کوٽ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ٻارڻ جي ذخيره اندوزي تي سخت ڪارروائي ٿيندي. هن چي?? ته ٻارڻ نه جي ڪري جيڪي پلانٽس بندس آهن انهن کي بحال ڪيو پيو وڃي، هن چي?? ته اسان ٻن هفتن ۾ چئن سالن جي نالائقي، بي حسي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا آهن، گذريل چئن سالن دوران بجلي ۾ هڪ ميگاواٽ به اضافو نه ٿيو، ڪنهن اسپتال ۾ هڪ ڪمرو به نه ٺاهي سگهيا، بيروزگاري ۽ مهانگائي جا تحفا عوام کي ڏنا، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چي?? ته ناڻي وارو وزير واپس اچي رهيو آهي اهو ميڊيا کي بريفنگ ڏيندو.