اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 22 اپريل تي پنجگور ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر شاهد بشير جي والده سان تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو ۽ شهيد کي عظيم قرباني ت?? خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان ڳالهائيندي شهيد جي والده چيو ته وطن جي خاطر هڪ ٻيو پٽ به شهادت لاءِ موڪلڻ چاهيان ٿي. صدر عارف علوي 22 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ س??حد پار حملي جي شهيدن جي پوئينرن سان به تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو. صدر حوالدار تيمور، سپاهي ثاقب نواز ۽ نائيڪ محمد شعيب جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو ??ظه??ر ڪيو. صد?? شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صد?? شهيدن جي بلند درجن، وارثن کي پيارن جي جدائي جو ڏک برداشت ڪرڻ جي همت لاءِ به دعا ڪئي.