اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قطر جي وزيرا??ظم شيخ خالد بن خليفه بن عبدالعزيز آل ثاني شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن وزيرا??ظم شهباز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پي ايم ميڊيا آفي?? پاران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته توهان سان دوستي پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ گ??رو ۽ وسيع ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته قط?? ۽ ??اڪستان ٻه ڀائر ملڪ آهن جن جي تاريخي دوستي گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي قائم آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويجهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ پڪو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيرا??ظم شهباز شريف قطر جي پنهنجي هم منصب جو نيڪ خواهشن تي جوابي خيرسگالي جي جذبن سان ٿورا پڻ مڃيا.