اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خ??اف بي اعتمادي رٿ آئين جي خ??اف قرار ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 5 اي جي خ??اف قرار ڏيندي رد ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ رولنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي خ??اف بي اعتمادي جي رٿ آئين ۽ قانون موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي خ??اف بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ جي خ??اف آهي ان لاءِ ان رٿ کي رد ڪريان ٿو. ان کان اڳ اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 95 تحت بي اعتمادي جي رٿ جمهوري حق آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ ۾ رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري مقرر ڪئي وئي آهي. 7 مارچ تي اسان جي سفير کي سرڪاري ملاقات جي لاءِ طلب ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ملاقات ۾ اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته وزيراعظم جي خ??اف بي اعتمادي رٿ اچڻي آهي. ان وقت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ان جي خبر نه هئي ته بي اعتمادي رٿ اچي رهي آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو دارومدار ان بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي. جيڪڏهن اها رٿ ڪامياب نه ٿي ٿئي ته اڳيون قدم سخت ??وندو. وزير چيو ته ان ج?? فوري پوءِ بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي ۽ اسان جي اتحادين ۽ اسان جي 22 ايم اين ايز جا ضمير به اوچتو جاڳي وڃن ٿا. هن چيو ته ڇا 22 ڪروڙ جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ڪو ملڪ اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ مداخلت ڪري، ڇا اها آرٽيڪل 5 جي خ??اف ورزي نه آهي؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪا ڪٺ پتلي، غلام يا ڀڪاري آهي؟ جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ان تي ڊپٽي کان رولنگ گهرجي جنهن ان تي رولنگ ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ تحت رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته بي اعتمادي جي ان رٿ جي پٺيان غيرملڪي سازش آهي، ان لاءِ ??و رولنگ ڏي ٿو ته هو بي اعتمادي جي ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ان سان گڏ ئ?? هن قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو.