اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم ??ي چيو آهي ته هو 27 مارچ تي اهو پيغام ڏيڻ نڪري ته هو برائي سان گڏ نه آهي، ته ??يئن مستقبل ۾ ڪنهن جي جرئت نه ٿي سگهي ته هو هارس ??ريڊنگ ڪري جمهوريت ۽ قوم ??ي نقصان پهچائي، ملڪ ۾ 30 سالن کان لُٽ مار ڪندڙ ڌاڙيلن جو ٽولو گڏجي کلي عام پارليامينٽرين جا ضمير خريد ڪري رهيو آهي. جاري ڪيل قوم جي نالي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ??مربالمعروف و نهي عن المنڪر جو حڪم الله قرار ڏنو آهي، الله تعاليٰ ??سل??انن کي حڪم ڏي ٿو ته ??وهان چڱائي جو ساٿ ڏيو ۽ برائي ۽ بدي جي خلاف اٿي بيهڻو آهي، ان سان معاشرو زنده ٿئي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڌاڙيلن جو ٽولو جيڪو 30 سالن کان لُٽي رهيو آهي، ڪرپشن ڪري پئسو ٻاهر موڪلي رهيو آهي هاڻي انهن گڏجي پارليامينٽرين جي ضمير جون قيمتون لڳايون آهن، انهن کي کلي عام خريد ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته ??ئون اهو چاهيان ٿو ته ??ڄي قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ صرف هڪ پيغام ڏيڻ لاءِ نڪري ته ??سان بدي سان گڏ نه آهيون پر اسان بدي جي خلاف آهيون، اسان هن ملڪ جي جمهوريت ۽ قوم جي خلاف ٿيندڙ ان ڏوهه جي خلاف آهيون، وزيراعظم چيو ته ??هي ماڻهو چوري جي پئسي مان عوامي نمائندن جا ضمير خريد ڪري رهيا آهن، قوم ان جي خلاف بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته ??ئون چاهيان ٿو ته قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ نڪري ۽ سڄي پاڪستان کي خبر هجڻ گهرجي ته ??ڳتي ڪنهن جي جرئت نه ٿيڻ گهرجي ته ??هڙي طرح جي هارس ??ريڊنگ ڪري ملڪ جي جمهوريت ۽ قوم ??ي نقصان پهچائي.