اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي نامز?? سفير مسعود خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا حصيداري ۽ گڏيل هدفن جي بنياد تي قائم آهن. وزيراعظم نامز?? سفير مسعود خان کي هدايت ڪئي ته هو ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪ?? بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان رابطو حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي تمام گهڻي متحرڪ آهي ۽ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم نامز?? سفير کي هدايت ڪئي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪ?? بڻائڻ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پبلڪ ڊپلوميسي جي لاءِ ڪم ڪري. هن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کي صحيح طور تي اجاگر ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم نامز?? سفير کي نئين ذميوارين جي سلسلي ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪا جي لاءِ نامز?? سفير مسعود خان هڪ تجربيڪار سفارتڪار آهي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير طور پڻ ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي، هو نيويارڪ ۽ جنيوا سميت گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي طور پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.