اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول جو پنجن ڏينهن جو الٽيميٽم زمين بوس ٿي ويو ته هاڻي 24 ڪلاڪن تي اچي ويو آهي، حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم نه ڪيو پر احساس پروگرام جي ڇٽي هيٺ 34 پروگرام جاري ڪيا، سماجي تحفظ جي پروگرام جي بجيٽ 85 ارب روپين کان وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ع??ران خان حڪومت پي??رولي?? مصنوعات ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ته مخالف ڌر کي اهو به ??ضم نه ٿي رهيو هو. بلاول ڀٽو جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان بلاول کي يقين ڏياريون ٿا ته 2023ع جون چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون، بلاول جي پارٽي جو پنجاب ۾ جيڪو حال آهي اهو ڪن??ن کان لڪل نه آهي، يونين ڪائونسل جي اليڪشن کٽڻ جي به سگهه نه آهي، اسيمبليون به ??ائم رهنديون ۽ وزيراعظم عمران خان به. ناڪامي ۽ رسوائي مخالف ڌر جو مقدر آهي. بلاول ڀٽو جي شوقيه مارچ جي شروعات کان اڄ تائين ع??امي خدمتن جي ڪنهن ايجنڊا تي ڳالهه ٿي هجي ته اسان کي ٻڌايو وڃي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ ڪيٽ شو تي سرڪاري وسيلن جو بيدردي سان استعمال ٿيو، پي ٽي آءِ جمهوري قدرن جو خيال رکندي آهي، مارچ ۾ ڪٿي به رڪاوٽ نه وڌي وئي، هاڻي مارچ ۾ ڪيترا ماڻهو آهن اهو ته بلاول ڀٽو به ??ڌائڻ جي همت نٿو رکي، عمران خان کان حساب گهرڻ وارا پهرين 15 سالن جو حساب سنڌ جي عوام کي ڏين ۽ 2018ع ۾ عوام عمران خان کي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ان جو مدو 2023ع تائين آهي.