اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پروگرام سرعام جي ٽيم سان جيڪو واقعو پيش آيو ان تي فو??ي قدم کنيا ويا، واقعي جي ٺوس جاچ ڪئي پ??ي وڃي، واقعي جي ذميوارن کي قان??ن موجب سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار مم??ڪت?? وزير فرخ حبيب چيئرمين فيصل جاويد جي صدارت ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته پيمرا جي قانونن ۾ به بهتري اچڻ گه??جي. ان موقعي تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو ته سنڌ کانسواءِ پوري پاڪستان ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، گذريل اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا ٻڌايو هو ته سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ چاهي ٿي، سندس خاطري جي باوجود اڃا تائين سنڌ ۾ صحت ڪارڊ جاري ناهي ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اسان جا اڪثر فنڪار ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن لاءِ سرڪاري علاج جي ڪا سهولت موجود نه آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪري ڇڏي ته فنڪارن کي تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو.