اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قر??ردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. مملڪتي وزير ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هر عالمي فورم تي بهترين انداز ۾ ڪشمير جو ڪيس پ??ش ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو دلير وڪيل ۽ سچو سفير هجڻ جو حق ادا ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا آڏو پهريون ڀيرو م??دي ۽ آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي سوچ بي نقاب ٿي.