اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي ل??ءِ پاڪستان جي دوري تي آيل بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا جي ??چ ۾ گهرا لاڳاپا موجود آهن. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي ل??ءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بوسنيا جي ??چ ۾ گڏيل اقتصادي ۽ واپاري ڪميشن جا اجلاس ب??قاعده منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ ل??ءِ طئي ٿيل معاهدي تحت شاگردن، استادن ۽ محققن جي مٽاسٽا ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ شان??ار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ج?? ٿورا مڃيا.