اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن افغانستان ۾ انساني صورتحال بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ جي سعودي عرب جي ??دم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي ڪمزور عوام جي ??دد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي ??رڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرح??ن السعود سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفي?? شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. افغان عوام جي ??شڪلاتن جي خاتمي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن افغان عوام جي انساني بنيادن تي مدد جي ??اءِ پاڪستان مان ڪم ڪندڙ تنظيمن کي سهولت فراهم ڪئي. افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي هن چيو ته پاڪست??ن انساني بنيادن تي فوري ريليف جي ??اءِ 5 ارب رپين جي امداد ڏني آهي جيڪا 50 هزار ملين ٽن ڪڻڪ، هنگامي طبي سهولتن، سرديءَ کان ??چڻ جي ??اءِ شيلٽرز ۽ ٻين شين سميت کاڌي پيتي جي شين تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم انهن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي ويجهي دوستاڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ان دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اءِ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي جي ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ??يزباني ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيندي سعودي عرب جي ??رڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرح??ن السعود اميد ظاهر ڪئي ته هي اجلاس افغان عوام جي انساني بنيادن تي امداد جي ??اءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي ڀائيچاري تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ويجها ۽ گڏيل دوستاڻا لاڳاپا آهن، سعودي عرب ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گرو?? جو پڻ ميمبر آهي ۽ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.