اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو محافظ اهم نشرياتي ادارو آهي، پي ٽي وي کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ اسان جي ??ول??ن ترجيحن ۾ شامل آهي. اها ڳالهه هن پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين مشعل جي نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. يونين عهديدارن پي ٽي وي ملازمن جي هائوس ريڪوزيشن الائونس ۾ 50 سيڪڙو ۽ بنيادي پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافي تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اداري جي بهتري جو د??رو??دار ملازمن جي بهتر ڪارڪردگي تي آهي، ادارو خوشحال ٿيندو ته ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي سگهبا. هن چيو ته پي ٽي وي جي ملازمن جي تربيت جي لاءِ ايڇ آر کي بهتر بڻا??و پيو وڃي، پي ٽي وي جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ پيشيواراڻي بنيادن تي ري اسٽرڪچنگ ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته مقابلي ۽ چٽاڀيٽي جي دور ۾ پي ٽي وي ۾ اڳتي وڌڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي ملازمن جي لاءِ هائوسنگ اسڪيم آندي پئي وڃي جڏهن ته سمورن ملازمن کي هيلٿ ڪارڊز جي فراهمي جو منصوبو پڻ ??ور هيٺ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مرحليوار حڪمت عملي تي ڪم ڪ??و پيو وڃي، پي ٽي وي نيوز کي ا??ڇ ڊي ڪيو ويو آهي، پي ٽي وي اسپورٽس ۽ پي ٽي وي هوم کي ا??ڇ ڊي ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن جڏهن ته پي ٽي وي لاهور، ڪراچي ۽ پشاور مرڪزن جي ا?? گريڊيشن جي لاءِ جلد قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پي ٽي وي کي بي بي سي جي طرز تي ٺاهڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هو پي ٽي وي جي ملازمن سان گڏ بيٺل آهي، ملازمن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ اسان جي ??ول??ن ترجيح آهي. هن چيو ته پي ٽي وي قومي اثاثو آهي، وقت سان گڏوگڏ پي ٽي وي کي وڌيڪ بهتري طرف گامزن ڪنداسين. ملاقات ڪندڙ پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين (مشعل) سي بي ا?? جي عهديدارن ۾ چيئرمين ابراهيم ڪمال، صدر جهانگير خان، جنرل سيڪريٽري چوڌري ف??رو?? احمد، چيف آرگنائيزر جميل قادري، ڊپٽي چيئرمين عمران خان، ڊپٽي پريزيڊنٽ حاجي ا??رنگزيب، سينيئر وائيس چيئرمين ملڪ لطيف، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري سليم شاهه، ايسوسيئيٽ جنرل سيڪريٽري راجا سجاد، هيڊ آف پي ٽي وي نيوز وقاص ضياءَ بٽ، مرڪزي اڳواڻ ملڪ افضال احمد ۽ چيئرمين هيڊ آفيس اويس گوندل شامل هئا.