اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڊينمارڪ ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد فاروق پرڏ??هي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان ڊينمارڪ سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن ??ي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ڊينمارڪ جي پرڏ??هي وزير زپي ??وفوڪا تازو پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي، پاڪستان ڊينمارڪ سان اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي واپار، سرمائي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏ??هي وزير پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ م ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي سفير احمد فاروق جي خدمتن کي ساراهيو، سفير احمد فاروق پرڏ??هي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجي سڀني توانائين کي استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.