اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان جي معاشي بهتري، انساني ريليف ۽ مدد جي لاءِ پنهنجو ??ردار جاري رکندو. هو قطر جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آلثاني سا?? ملا??ات دوران ڳالهائي رهيو هو، ملا??ات دوران افغانستان جي ترقي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي قطر جي امير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغانستان تڪرار جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار رهيو آهي، هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم آهي. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سا?? وزيراعظم زور ڏنو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ استحڪام انساني بحران جي روڪٿام ۽ معيشت جي مضبوطي انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي امداد انساني ريليف ۽ معاشي بهتري جي لاءِ پنهنجو ??ردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي چيو ته اها افغانستان جي عوام سا?? يڪجهتي جي لاءِ اٿي بيهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشڊي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ مثبت ڳالهيون ڪري. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ قطر سا?? گڏيل مفاد جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قطر جي ڊپٽي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن ٻطرفن ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان سا?? پنهنجو ويجهو رابطو برقرار رکڻ جو عزم ڪيو.