اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. و??ير??عظم عمران خان سان ملاقات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر مير خان محمد جمالي، صداقت علي عباسي ۽ پنجاب جو توانائي وارو وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ شامل هئا. خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ??ئي وئي. مير خان محمد جمالي و??ير??عظم کي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان جي لاءِ رڪارڊ فنڊز جي فراهمي تي ٿورا مڃيا. پنجاب جي توانائي واري وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ و??ير??عظم کي صوبي ۾ توانائي جي مسئلن جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.