ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان بيت المال جي اهميت ۽ ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏن?? آهي ته ج??ئن وڌ کان وڌ غريب ۽ مستحق ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان سلسل?? ۾ ??وامي آگاهي لاءِ خصوصي پروگرام جوڙڻ ج?? ضرورت آهي ڇو ته آبادي جو وڏو حصو بيت المال جي خدمتن بابت آگاهه نه آهي. اها ڳالهه هن مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال ملڪ ظهير عباس کوکر جي قيادت ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ ڊاڪٽر عدنان مجيد ۽ ٻيا به شامل هئا. صدر چيو ته عام طور تي اهو تاثر ڏٺو ويند?? آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ بيت المال جا فنڊز غريب ماڻهن جي علاج لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهجن، هن چيو ته ان غلط فهمي کي ختم ڪرڻ گهرجي ته ج??ئن بيت المال جي فنڊن مان مستحقن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.