اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان پنهنجي سياست جو بنياد تبديل?? جي نعري تي رکيو، سندس خواب هڪ جديد اس??امي فلاحي رياست قائم ڪرڻ آهي، اڄ به تحريڪ انصاف مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، عوام جي اميد آهي ته جيڪڏهن ڪير انصاف ڏئي سگهي ٿو ته اها صرف تحريڪ انصاف آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي يوم تاسيس جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چئي.