اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ 4 ڊسمبر تي دعا جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻي لهر کان تحفظ لا??ِ خصوصي دعائون ڪيون وينديون، ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻي لهر تي عالم سڳورن ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وبا کان تحفظ جي لا??ِ عوام جي آگاهي تي عالم سڳورن اتفاق ڪيو آهي، مسجدن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو، عوام جي آگاهي لا??ِ ميڊيا به پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عالم سڳورن کي ا??يل ڪئي آهي ته ڪجهه وقت جي لا??ِ جلسا جل??س ملتوي ڪيا وڃن، عالم سڳورن متفقه طور تي 17 اپريل جي ا??س اي ا?? پيز تي عملدرآمد کي ورجايو آهي. ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۽ ان جي صورتحال بابت مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري ??فاقي وزير نورالحق قادري ۽ وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ بريفنگ ۾ ڳالهائيندي ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا وائرس وبا جي پهرين لهر ۾ اپريل ۾ سراسري 500 مريض هئا، عوام جي احتياطي تدبيرن جي ڪري ??با جي ڦهلاءُ تي ضابطو آندو ويو ۽ 22 جون تي 6400 مريضن جو ٽيسٽ پازيٽو آيو جيڪو 6500 تائين وڌڻ کانپوءِ رڪجي ويو.