اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مزار قائد جي معاملي تي هٿيا??بن?? فوج ۾ خود احتسابي عمل کي ساراهيندي چيو آ??ي ته حڪومت ان فيصلي جو قدر ڪري ٿي، جيڪڏهن سنڌ پوليس وقت سر ايف آءِ آر داخل ڪري ها ته معاملو ايترو ڏکيو نه ٿئي ها، هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٻڌائي ته ان دوران جن پوليس آفيسرن بغاوت ڪئي انهن جي خلاف ??هڙ?? ڪارروائي ٿي آهي، سنڌ ۾ به قانون جي بالادستي نظر اچڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران پاڪ فوج جي ڪورٽ آف انڪوائري جي رپورٽ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هٿيا??بن?? فوج هڪ منظم ادارو آ??ي، مزار قائد جي معاملي تي پاڪ فوج جي اندر خود احتسابي عمل حرڪت ۾ آيو آ??ي جنهن کانپوءِ ٻن آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آ??ي.