اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چڪ فيني وڏو ماڻهو آهي. ??ما??ي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وزيراعظم عمران خان پاران آمريڪي ارب پتي شخصيت 89 سالا چڪ فيني، جنهن پنهنجي پوري د??لت عطيو ڪري ڇڏي آهي، ان بابت ٽوئيٽ تي پنهنجي ردعمل ۾ صدر چيو آهي ته چڪ فيني وڏو ماڻهو آهي. هن چيو ته منهنجو مرحوم والد ڊاڪٽر حبيب الرحمان الاهي علوي چوندو هو ته جيڪو ڪجهه آئون خيرات ڪريان ٿو ??هو ئي آهي جيڪو آئون آخرت جي لاءِ گڏ کڻي وڃي رهيو آهيان، ٻين کي ڏيڻ ٻنهي جهانن ۾ رهي ٿو.