اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪراچي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برساتن سان سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪراچي جي عوام جي مشڪلاتن کان حڪومت مڪمل آگاهه آهي، ڪراچي جي عوام کي در??يش مسئلن جي مستقل حل لاءِ جلد منصوبي جو اعلان ڪنداسين. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئ??ٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گورنر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻه?? کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي چيئرمي?? کي فوري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، متاثري?? کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سهولتن جي فراهمي جو به حڪم ڏنو آهي.