اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل جي حوالي سان شفاف ?? پائيدار پاليسي ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهيون، ريجنل اخبارن ۽ صحافين جي مسئل?? کي نظر ۾ رکيو ويندو، سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي ته جيئن پاليسي اتفاق راءِ رکندڙ هجي، ڊمي اخبارن جي نشاندهي ۾ ميڊيا ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مردان پريس ڪلب جي نون چونڊيل عه??يدارن جي وفد هتي ملاقات جي دوران ڪيو. اطلاعات واري وزير شبلي فراز نون چونڊيل عه??يدارن کان حلف ورتو، اطلاعات واري وزير نون چونڊيل عه??يدار?? کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.