اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بئنڪن طرفان تعميرات جي شعبي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تعميرات جو شعبو معيشت جي فروغ جو ضامن آهي، تعميرات جي شعبي جي فروغ سان بئنڪن جي لاءِ منافع بخش ڪاروبار جا بي شمار موق??ا ميسر ايندا، گهرن جي تعمير جي حوالي سان درخواستون کي آسان ۽ ممڪن بڻايو وڃي، گهٽ ۽ وچولي آمدني وارا ماڻهو ان سهولت مان وڌ کان وڌ لاڀ پرائي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنج?? صدارت ۾ نيشنل ڪوآرڊينيشن هائوس??گ ڪميٽي، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.