اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ڪورونا وبا جي پيش نظر محرم الحرام جي جلوس ۽ مجلسن جي د??ران معياري آپريٽنگ طريقيڪار (ايس ??و پيز) جي تياري ۽ ڪووڊ 19 جي ازالي لاءِ رهنما اصولن تي عملدرآمد ۾ تعا??ن ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ جي مشهور شيعه عالمن جي فڪري ويهڪ ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي. جنهن ۾ محرم الحرام جي د??ران جلوسن ۽ عزاداري جي لاءِ ايس ??و پيز تي اتفاق ڪيو ويو، عالم سڳورن قومي يڪجهتي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي وچ ۾ هم آهنگي برقرار رکڻ تي صدر جي ڪردار کي ساراهيو.