اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليام??ني اڳواڻ?? جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 22 هين سيشن دوران ايوان جي ڪارروائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ايوان جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائي ويندي ۽ ايوا?? جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. خوشگوار ماحول ۾ ايوان جي ڪارروائي جي لاءِ تعاون تي سمورين پارليام??ني پارٽي?? جو ٿورائتو آهيان. اميد آهي ته اسيمبلي جي ايندڙ اجلاسن ۾ به انهي جذبي کي برقرا?? رکيو ويندو. پارليام??ني اڳواڻن پنهنجي ميمبرن کي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺڻ لاءِ وڌ کان وڌ موقعو فراهم ڪرڻ تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو.