اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورون?? وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، وبا ۽ لاڪ ڊا??ون جي اثرن ک?? منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي وئي آهي، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اسان ک?? پنهنجي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو آهي، سمورن صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطا قائم آهن، اها جنگ پوري قوم گڏجي کٽيندي، ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان 92 نيوز چيئنل جي لائيو ٽيلي ٿون ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري ڪيل لاڪ ڊا??ون سبب پوري دنيا تي اثر پيا آهن، معيشت کي نقصان پهتو، اسان مستقبل ۾ ان جي اثرن ک?? نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته موجوده بحران ۾ آمريڪا 2200 ارب ڊالر ۽ جاپان هڪ هزار ارب ڊالر جو رليف پيڪيج ڏنو آهي جڏهن ته اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته 8 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏئي سگهون، وزيراعظم چيو ته اسان وٽ وڌيڪ وسيلا نه آهن ۽ جيڪي دستياب آهن انهن ک?? استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ خيرات ڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ آهن، اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي ته اسان الله جي خوشنودي لاءِ زڪوات ۽ خيرات ڪندا آهيون، اها اسان جي طاقت آهي، ان??ي طرح اسان جا نوجوان به وڏي طاقت آهن، مستقبل ۾ ڪهڙيون حالتون هونديون، ان جو ڪنهن ک?? پتو نه آهي تنهن هوندي به اسان ک?? پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي، اسان ان مقصد جي لاءِ پنهنجي انهن ٻن??ي طاقتن ک?? استعمال ۾ آڻينداسين.