اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته نصاب جي ڪتابن جي ڇپائي جي حوالي سان مافيا جي عمل دخل کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي، هڪجهڙي قومي نصاب کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته پهرين کان پنجين ڪ??اس تائين متفقه نصاب تيار ??يو ويو آهي، ٻارهين ڪ??اس تائين جو هڪجهڙو نصاب تيار ??رڻ جو ڪم مارچ 2022ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، تعليم واري وزارت پي ٽي وي جي ذريعي ستن ڪ??اڪن جي تعليمي نشريات جو اهتمام ڪيو آهي ته جئين شآگردن جي تعليم متاثر نه ٿئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب تعليم ??ي شعبي ۾ طبقاتي فرق ختم ڪرڻ جي حوالي سان موجوده حڪومت پنهنجي واعدي ج?? پڄاڻي ڪندي.