پشاور – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي صحت ۽ صفائي جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪرونا جو پکڙجڻ افسوسناڪ صورتحال آهي?? هيستائين 51 ملڪ ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن، پاڪستان ۾ به ان جي پکڙجڻ جو خدشو آهي پر اسان کي خوفزده هجڻ بدران حفاظتي تدبي??ن اختيار ڪرڻ گهرجن، هٿ ڌوئڻ وقت صابڻ جو استعمال يقيني بڻايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گيسٽرالوجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.