مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سيد عبدالله گيلاني ۽ سيد فيض نقشبندي جي قيادت ۾ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي وفد مظفرآباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ عبدالمجيد ملڪ، سيد اعجاز رحماني، شيخ محمد يعقوب، عبدالمجيد مير، شيخ عبدالمتين ۽ جاويد اقبال بٽ شامل هئا. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير مع??ملن وارو وزير علي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽ?? جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبل?? جو اسپيڪر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.