اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ ۽ صوبي ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح ??هي، وفاقي حڪومت ب??وچستان جي تعمير ۽ ترقي جي ڏس ۾ صوبائي حڪومت جي هر ممڪن طريقي سان مدد لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه پارلياماني پارٽي بلوچستان جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن خاص معاون سردار يار محمد رند جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.