اسلام آباد -05 س??پٽ??بر (اي پي پي) صحت و??ري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هيلٿ ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. صحت و??ري وزارت طرفان ج??ري بيان ۾ هن چيو ت?? ٻوڏ جي هنگامي صورتحال ۾ هيلٿ ڪيمپن مان ماڻهن کي رليف ملندو. هن چيو ت?? لسٻيلا سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هيلٿ ڪيمپون ڪم ??روع ڪري چڪيون آهن. هن چيو ت?? سنڌ جي 7 ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، مٽي??ري ۽ بدين ۾ پڻ هيلٿ ڪيمپ لڳايا ويا آهن. هن چيو ت?? هيلٿ ڪيمپن ۾ دوائن سميت فري صحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ت?? ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ت?? سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، اسان ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.