اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان افسوس ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ چين جي صدر ۽ وزيراعظم جو خصوصي پيغام صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پهچايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سدائين ??انگر چين جي قيادت ۽ عوام پاڪستان د??ستي ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جا دل سان ٿورا مڃي ٿو. واضح رهي ته چين ??اران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 190 ملين ??وآن (آر ايم بي) امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. چين ??اران 25000 خيمن ۽ ٻين امدادي شين جو عطيو ڪيو ويو آهي. چيني فضائيه جون اڏامون 300 خيمن جي پهرين کيپ کڻي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچنديون. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ڪراچي ۾ امدادي سامان پاڪستاني عملدارن جي حوالي ??ند??. چين ??اران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد جي فراهمي بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي چين جي سفير جي ڪراچي کان واپسي تي باضابطا آگاهه ڪيو ويندو. چين جي سفير نونگ رونگ چين جي قيادت جي فيصلي سان پاڪستان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.