اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ سوين قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ته انهن جي ذميدارن جو تعين ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، ??لي?? ٽري سونامي جي دعوائن ۾ قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي ڪيئن ٿي حقيقتون قوم جي سامهون آڻينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ??لي?? ٽري سونامي ريڊيو پاڪستان جا ??ڻ کائ?? وئي، ??لي?? ٽري ڪرپشن سونامي سان ريڊيو پاڪستان جي وڻن جي واڍي جا ثبوت برآمد ٿيا آهن، ظاهري طور لڳي ٿو ته اها سڄي ڪارروائي مجاز اٿارٽي ??ي منظوري کانسواءِ عمل ۾ آئي، اطلاعات واري وزير لاڳاپيل عملدارن کان فوري طور تي ان معاملي جي رپورٽ گهري آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽِينڊ??گ ڪميٽي ??ي مڪمل ڪارروائي جا ??نٽس ۽ ريڊيو پاڪستان جي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب ??ي ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين ۽ راولپنڊي ڪنٽونمينٽ بورڊ کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، وڻن جا ??سم، انهن جون عمرون ۽ انهن ??ي مارڪيٽ قيمت جي تعين لاءِ ماهرن ??ي مدد نه ورت?? وئي، انب، ٽالهي، شهتوت، ريٽا ۽ شاه بلوط سميت 600 کان وڌيڪ وڻن جي واڍي سنگين معاملو آهي، ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.