اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گلوبل وليج ٺاهي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊج??ٽل??ئيزيشن ڪيو پيو وڃي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ گوگل ماهرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ٽيڪ ويلي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ پارليامينٽ جي ڊج??ٽل??ئيزيشن بابت معاملن کي غور هيٺ آندو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته قومي اسيمبلي جي ڊج??ٽل??ئيزيشن سان ميمبرن ۽ اسٽاف جي صلاحيت ۾ ??ضا??و ٿيندو. ڊج??ٽل??ئيزيشن سان اسيمبلي جي ڪارروائي وڌيڪ موثر ۽ نتيجا خيز ٿيندي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ گوگل آفيس متعارف ڪرائن سان ڏکڻ ايشيا جي پهرين پيپر ليس پارليامينٽ ٺهي ويندي، ڊج??ٽل??ئيزيشن ۽ گوگل آفيس پارليامينٽ جي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيندي. ڊج??ٽل??ئيزيشن جي منظوري کي جلد مڪمل ڪرڻ جي خواهش رکان ٿو، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گوبل وليج ٺاهي ڇڏيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو، ان موقعي تي سي اي او ٽيڪ ويلي شريڪ ٿيندڙن کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊج??ٽل??ئيز ڪيو پيو وڃي، ٽيڪ ويلي پارليامينٽ جي ڊج??ٽل??ئيزيشن جيڪا گوگل پارٽنر آهي، قومي اسيمبلي جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ڊج??ٽل??ئيزيشن جي تربيت جو انعقاد ڪيو ويو آهي.