اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي جي عوام سان جيڪو مون واعدو ڪي??، اهو پورو ڪي?? آهي، ايبٽ آباد ۽ پشاور کانپوءِ سستي اٽي جي فراهمي عنقريب پوري صوبي جي ٻين علائقن ۾ به شروع ٿيندي، خيبرپختونخوا ۾ گذريل 8 سالن کان رڪيل ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام ۾ مون جيڪو واعدو ڪي?? اهو پورو ڪي?? آهي. ايبٽ آباد ۽ پشاور کانپوءِ سستي اتي جي فراهمي عنقريب پوري صوبي جي ٻين علائقن ۾ به شروع ٿيندي، خيبرپختونخوا ۾ گذريل 8 سالن کان رڪيل ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائينداسين، وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخوا ۾ صوبائي حڪومت جي بدانتظامي سان ستايل ماڻهن جا مسئلا فوري حل ڪري ۽ خيبرپختونخوا ۾ پارٽي تنظيم کي سرگرم ڪريو، انجنيئر امير مقام وزيراعظم کي خيبرپختونوا جي عوام سان سستي اٽي جا واعدا پورا ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪي??.