اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سر??ار?? دوري تي ترڪي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپ??ار?? بورڊ جو وزير چوڌري سالڪ حسين، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ فهد حسين به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو به ترڪي پهچندو، دورو 31 مئي کان 2 جون 2022ع دوران وزيراعظم شهباز شريف جي صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهين جو انعقاد ٿيندو، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ??ڏي?? خطاب به ڪندا، صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه به ملهائي پئي وڃي، دوري دوران صدر اردوان ۽ وزيراعظم شهباز شريف ??ڏي?? طور تي يادگاري نشان به جاري ڪندا جيڪو ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ غير معمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي ??ار??خ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آهي، ترڪي جي پرڏيهي معاملن، واپار ۽ صحت وارا وزير به دوري دوران وزيراعظم سان ملاقات ڪندا، وزيراعظم ترڪي جي مشهور ??ار??باري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپ??ار?? ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪي جي ??ار??باري برادري جا نمائندا يونين آف چيمبرز ڪموڊيٽي ايڪسچينج (ٽي ا?? بي بي) جو صدر وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو، وزيراعظم ترڪي بزنس ڪائونسل فورم ۾ به شرڪت ڪندو، جنهن جو اهتمام ترڪي جي پرڏيهي معاشي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي سهڪار سان ڪيو ويو آهي، وزيراعظم انهن تقريبن جي دوران پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي، مشهور پاڪستاني ??ار??باري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ??ار??باري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽ?? بي) ملاقاتون به ٿينديون.