اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ايف آءِ اي جي سپريم ڪورٽ ۾ دا??ل درخواست جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ڄاڻايل پٽيشن فوري طور تي واپس ورتي وڃي ٿي جيڪا حڪومتي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اصول جي خل??ف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته وزيراعظم ۽ مون کي ڪجهه دير اڳ خبر پئي ته ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست دا??ل ڪئي آهي ته جيئن ايڪٽ جي سيڪشن 20 کي بحال ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چ??و ته ڄاڻايل پٽيشن حڪومت جي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اصول جي خل??ف آهي، تنهن ڪري ان کي واپس ورتو وڃي ٿو. هن چ??و ته وزيراعظم درخواست دا??ل ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، بدقسمتي سان درخواست دا??ل ٿيڻ جي خبر اسان تائين پهچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ڇو ته اسان ٻنپهرن جي وقت بشام ۾ هئاسين جتي ڪي موبائيل سنگل نه هئا.