اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ عوامي جمهوريه چ??ن جي ناظم الامور ڦينگ چنگزو وزيراعظم هائوس ۾ خيرسگالي ملاقات ڪئي. ڦينگ چنگزو کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي چ??ن جي حڪومت ۽ قي??دت پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. چ??ن جي ناظم الامور زور ڏنو ته چين وزيراعظم شهباز شريف کي هڪ مضبوط ۽ پڪو عزم رکندڙ پنهنجي دوست طور ڏسي ٿو جنهن جو چين ۾ تمام گهڻو احترام ۽ تعريف ڪئي وڃي ٿي. هن گذريل حڪومت جي دور ۾ بطور پنجاب جي وڏي وزير پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فروغ لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪئي. چ??ن جي قي??دت جي لاءِ گرمجوشي تي ٻڌل خواهشن ۽ مبارڪباد جي جذبن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چ??ن جي پنهنجي ڪيترن ئي دورن جو حوالو ڏنو جن دوران هن صدر شي جن پنگ سان ملاقات جو پرمسرت اعز??ز حاصل ٿيو ۽ صدر شي پاڪستان سان لاڳاپن جي فروغ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي. وزيراعظم صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ تي جاري اڳڀرائي ?? پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان جي اهميت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي چين پاڪستان دوستي ۽ گهري حصيداري جي علامت بڻائڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن صنعتن جي قي??م، زراعت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ چين پاران سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڏنو. پنجاب جي وڏي وزير طور چين سان پنهنجي ويجهي تعاون جو حوالو ڏيندي وزيراعظم پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جو عنصر قرار ڏنو. هن زور ڏئي چيو ته چين سان دوستي پاڪستان ۽ چ??ن جي عوام جي دل ۾ موجود آهي ۽ چين پاڪستان جو مضبوط ۽ ويجهو ترين حصيدار آهي. وزيراعظم هڪ جهڙي مفاد ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو.