لاهور – 10 فيبروري (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مخالف ڌر بي ا??تمادي جي رٿ پيش ڪري ڏسي وٺي پهرين وانگر مايوسي ٿيندي، حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ماحول سازگار بڻائي رهي آهي، اهي نوڪريون پرائيويٽ ۽ سرڪاري ا??ارن ۾ فراهم ڪيون وينديون، تحريڪ انصاف عوام سان نوڪريون ڏيڻ جو جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪيو ويندو، نوجوان نسل مستقبل بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدف مقرر ڪري وٺي ته قائداعظم، ڊاڪٽر عبدالقدير ۽ عمران خان جهڙي ڪامياب شخصيت بڻجي سگهي ٿو، پنهنجي هدفن کي مشن بڻائي ڄمي وڃڻ سان به ڪاميابي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي ٿي، توهان ماڻهو خوش قسمت آهيو جنهن کي اهڙن بهترين تعليمي ا??ارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن يونيورسٽي آف لاهور ۾ ورلڊ آف اپرچيونٽيز جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو، يونيورسٽي آف لاهور پهچڻ تي ريڪٽر دي يونيورسٽي آف لاهور پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سندس استقبال ڪيو ۽ يونيورسٽي جي شعبن بابت بريفنگ ڏني. سيمينار کي خطاب ڪندي قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر جو چوڻ هو ته يونيورسٽي آف لاهور جو تعليمي ماحول ڏسي خوشي ٿي آهي، توهان ماڻهو مستقبل جا معمار آهيو جنهن کي ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آهي. وڏو ماڻهو بڻجڻ جي لاءِ وڏن هدفن جو تعين ڪرڻ ضروري هوندو آهي، ڪو به شعبو ننڍو يا وڏو ناهي هوندو ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجي محنت سان پنهنجو مقصد پيدا ڪندا آهن، هن جو چوڻ هو ته هن پنهنجي تعليمي سرڪاري ا??ڪولن، ڪاليجز مان حاصل ڪئي ۽ اڄ الله جي فضل سان قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر جي عهدي تي فائز آهيان، توهان ماڻهن کي ملڪ جو مستقبل وڌيڪ سنوارڻو آهي ان لاءِ پنهنجي هدفن ۾ اهو ش??مل ڪريو ته توهان کي ملڪ کان وٺڻو نه آهي پر پاڪستان کي صرف ڏيڻو آهي، جڏهن هر نوجوان اهو پنهنجو منشور ٺاهي وٺندو ته ان کي پاڪستان کان وٺڻو ڪجهه ناهي پر ڏيڻو آهي ته ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.