اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڀارتي گلوڪاره لتا منگيشڪر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آ??ي ته لتا منگيشڪر جو لاڏاڻو هڪ عهد جو خاتمو آهي، لتاجي ڏهاڪن تائين سُر جي دنيا تي حڪومت ڪئي، سندس آواز جو جادو رهندڙ دنيا تائين رهندو. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته جتي جتي اردو ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي اتي ??تا منگيشڪر کي الوداع چ??ند??ن جو هجوم آهي.