اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد اڄ رٽائر ٿي رهيو آهي، هن اقليتن جي ع??ادتگاهن جي لاءِ تاريخي ا??ٽينڊ ورتو، ان سان سندس عزت ۽ احترام ۾ اضافو ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙي ??قت ۾ جڏهن هندستان جي ع??ليه شدت پسندن جي هٿان بي وس نظر اچي ٿي، جسٽس گلزار جهڙن ججن اقليتن کي سهارو ڏنو ۽ آزاداڻا فيصلا ڏنا، پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن سال سپريم ڪورٽ ۾ پنج جج رٽائر ٿي رهيا آهن، چوڌري فواد حسين چيو ته پارليامينٽ کي نون ججن جي مقرري لاءِ آئيني ترميمن تي غور ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ ۾ مقررين کي آزاد ۽ شفاف بڻائي ٿي ته اهو تمام وڏو ڪم هوندو، سياسي پارٽيون پنهنجي ا??تلافن کي هڪ پاسي رکي ان اهم ترميم لاءِ غور ڪن.