اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ?? راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، نوجوانن کي پنهنجي صل??حي??ن جي اظهار لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، عاقب جاويد، رانا عاطف ۽ ڪرڪيٽر شاهين آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، کين پنهنجي صل??حي??ن جي اظهار جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ?? راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي هجي. ملاقات ۾ ملڪ ?? ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيور جي ڪاميابي ۽ ان جي نتيجي ۾ نوجوانن کي مختلف راندين ۾ پنهنجي صل??حي??ن جي اظهار جا موقعا ميسر اچڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي ڪرڪيٽ ۾ ڪامياب جوان ۽ لاهور قل??در جي تعاون سان ٽئلينٽ هنٽ پروگرام ۾ اڀرندڙ ڪرڪيٽرز جي ايندڙ پاڪستان سپر ليگ ۾ شموليت جي حوالي سان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم لاهور قل??در ۽ ڪامياب جوان پروگرام جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ڪرڪيٽر شاهين شاهه آفريدي جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي کي ساراهيندي وڌيڪ محنت سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو مثبت ڪ??دار جاري رکڻ جي تلقين ڪئي.